شجاعت علي بکري

شجاعت علي بکري: سيد شجاعت علي بکري سنڌ جو رهاڪو هو ۽ پوءِ وڃي مغل بادشاهن جو خاص امير مقرر ٿيو. مولانا دين محمد وفائي، پنهنجي ڪتاب ‘تذڪره مشاهير سنڌ’ ۾ لکي ٿو ته: “سيد شجاعت علي بن سيد لطف علي بکري مغل بادشاهه شاهجهان جي اميرن مان هڪ نامور امير ٿي گذريو آهي. ڪجھه عرصو دوآبه جو فوجدار رهيو ۽ ڪجھه عرصو قلعه ڪانگڙا جي نگهبانيءَ تي مامور رهيو هو. شاهجهان پنهنجي جلوس جي 27 هين سال هن کي پيرسنيءَ جي ڪري ملازمت تان رٽائر ڪري ڇڏيو ۽ کيس اتر پرديش ۾ فريدآباد جي پرڳڻيءَ ۾ چار لک ملهه جي جاگير ۽ پندرهن سؤ سوارن جو منصب عطا ڪيو هو. شاهجهان بادشاهه جي وفات کانپوءِ اورنگزيب به مٿس عنايت جي نظر ڪئي. اورنگزيب تخت نشينيءَ جي ٻئي سال کيس ‘شجاعت خان’ جو خطاب ڏنو. آخري عمر ۾ سيد شجاعت علي گوشه تنهائيءَ ۾ زندگي بسر ڪرڻ لڳو.


لفظ شجاعت علي بکريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو